Taj Mehmood Amroti

Ayah by Ayah

Tags

Download Links

Taj Mehmood Amroti translation for Surah Al-Hashr — Ayah 2

59:2
هُوَ ٱلَّذِيٓ أَخۡرَجَ ٱلَّذِينَ كَفَرُواْ مِنۡ أَهۡلِ ٱلۡكِتَٰبِ مِن دِيَٰرِهِمۡ لِأَوَّلِ ٱلۡحَشۡرِۚ مَا ظَنَنتُمۡ أَن يَخۡرُجُواْۖ وَظَنُّوٓاْ أَنَّهُم مَّانِعَتُهُمۡ حُصُونُهُم مِّنَ ٱللَّهِ فَأَتَىٰهُمُ ٱللَّهُ مِنۡ حَيۡثُ لَمۡ يَحۡتَسِبُواْۖ وَقَذَفَ فِي قُلُوبِهِمُ ٱلرُّعۡبَۚ يُخۡرِبُونَ بُيُوتَهُم بِأَيۡدِيهِمۡ وَأَيۡدِي ٱلۡمُؤۡمِنِينَ فَٱعۡتَبِرُواْ يَٰٓأُوْلِي ٱلۡأَبۡصَٰرِ ٢
(الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.